اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف ضلعي خيبر جي باڙه بازار ۾ ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم واقعي ۾ پوليس اهل??ار?? جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهيد پوليس اهل??ار?? جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوليس اهل??ار?? شڪي ماڻهو کي روڪي ۽ پنهنجي جانين تي کيڏي دهشتگردي جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پنهنجي جانين تي کيڏي عوام جي حفاظت يقيني بڻائين ٿا. وزيراعظم چيو ت?? مون سميت سڄي قوم پوليس جي بهادر سپوتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.