اسلام ??باد – 17 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ڳالهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي، جنهن ۾ عالمي مالياتي فنڊ جي ايم ڊي سان ملاقات دوران پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا. پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ دوست ر??يا آ??ن ۽ هر حال ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ڪ??تر?? ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ دوست ر??يا آهن، مون کي ياد آهي ته ڪهڙي طرح سريلنڪا جي ??اڪٽرن جي هڪ ٽيم ڊينگي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ پنجاب حڪومت جي مدد ڪئي، ان وقت ان وبا سان لاهور ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون هيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جا ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نيڪ نيتي ۽ سٺي پاڙيسريت تي ٻڌل آهن، پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ آئون سريلنڪن صدر سان گڏجي ??م ڪرڻ جو خواهشمند آهيان.