اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب ريڊيو پاڪستان جي 12 نئين اسٽوڊيوز جو افتتاح ڪري ڇڏيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مر??م اورنگزيب جڏهن ريڊيو پاڪستان پهتي ته ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان طاهر حسن ۽ ريڊيو پاڪستان جي عملي سندس شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان پڻ موجود هو. اطلاعات واري وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان جي 12 نئين اسٽوڊيوز جو افتتاح ڪيو جن ۾ ايف ايم 94 اسپورٽس، 11 علائقائي زبانن جي نشريات، ماحوليات بابت اسٽوڊيو، ٽيڪ اسٽوڊيو، ڊراما، پروڊڪشن ۽ آڊيو ڊراما ريل جي حوالي سان اسٽوڊيوز، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، ورلڊ سروس اسٽوڊيو، نيوز بليٽن نيشنل اسٽوڊيو شامل آ??ن جڏهن ته صوة القرآن جي ٽرانسميشن کي پڻ ڊيجيٽل ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي دوري دوران ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽوڊيوز جو دورو پڻ ڪيو ۽ اتي موجود عملي سان ملاقات ڪئي ۽ ان??ن جي ڪم کي ساراهيو. ان موقعي تي هن ريڊيو پاڪستان جي اسٽاف کان ان??ن جي معاملن بابت معلومات پڻ ورتي. اطلاعات واري وفاقي وزير بعد ۾ ميڊيا سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ميڊيا کي اهو ٽرانسميٽر پڻ ڏ??کا??يو جن??ن جي ذريعي 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي آزادي جو اعلان ڪيو ويو هو.