اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي ق??مي قائد حيدر عليوف جي مزار تي حاضري ڏني ۽ گل ??اڙهيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف جي دعوت تي باڪو آذربائيجان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي. وزيراعظم آذربائيجان جي ق??مي قائد حيدر عليوف جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گل ??اڙهيا. وزيراعظم ڪجهه دير کانپوءِ آذربائيجان جي شهيدن جي يادگار جو پڻ دورو ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ٿيندي. ملاقات کانپوءِ ٻئي اڳوا?? گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۽ توانائي جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ وزيراعظم سان اڄ آذربائيجان جي وزيرن جي وفد جي ملاقات پڻ ٿيندي.