اسلام آباد – 14 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سياسي استحڪام کانسواءِ معاشي استحڪام ممڪن نه آهي، 9 مئي جي واقعن قوم کي ڏکويل ۽ شرمسار ڪيو آهي، جيڪي قومون شهيدن ۽ غازين کي وساري ڇڏين اهي زندهه ناهن رهنديون، رجيم چينج جي ڪوڙي دعويدارن جي ڪوڙي پروپئگنڊه بي نقاب ٿي وئي آهي، روس کان 45 هزار ٽن سستو ڪچو تيل پهچي ويو، آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، معاهدو جلد ٿي ويندو، اسلام آباد ۾ سالڊ ويسٽ جو نظام متعارف ڪرايو ويندو، نوجوانن جي لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم جولاءِ کان ??يهر شروع ٿي ويندي، حڪومت بجيٽ ۾ عوام کي ريليف فراهم ڪيو آهي، ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (اڳوڻي آءِ جي پي) روڊ جي نئين سر تعمير جي منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??وقعي تي افتتاحي تقريب ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون احد چيما، قومي اسيمبلي ميمبر طاهره اورنگزيب، اڳوڻن قومي اسيمبلي ميمبرن حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، ملڪ ابرار، انجم عقيل خان، ملڪ شڪيل اعواڻ ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کانسواءِ سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ ڪمشنر راولپنڊي لياقت چٺا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار موجود هئا. تقريب ۾ وزيراعظم آءِ جي پي روڊ کي ڪيپٽن ڪرنل شير خان شهيد (نشان حيدر) جي نالي سان ??نسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو. ان ??وقعي تي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جي دور ۾ ناقص منصوبابندي جي ڪري هي منصوبو تعطل جو شڪار رهيو. اڳوڻي حڪومت جاري منصوبا به ٺپ ڪري ڇڏيا هئا. منصوبي کي مڪمل ڪرڻ تي گهرو وزير، سي ڊي اي چيئرمين، ڪمشنر راولپنڊي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي مبارڪباد ڏيان ??و، منصوبي تي جنهن خوبصورتي سان ??ينڊ اسڪيپنگ ۽ باغباني ڪئي وئي آهي ساراهه جوڳي آهي. ٻين ترقياتي منصوبن ??ان به اهڙي طرح وڻ ۽ گل لڳائڻ گهرجن. هن چيو ته شهيدن ۽ غازين کي ياد رکندڙ قومون ئي ڪامياب ٿينديون آهن جيڪي قومون شهيدن ۽ غازين کي وساري ڇڏين اهي زندهه ناهن رهنديون، جان تي هٿيلي تي رکي شهيدن ملڪ جو هڪ هڪ انچ دشمنن کان بچايو آهي، شهيد پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري ويا پر لکين ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، ملڪ سان ??حبت ڪندڙ شهري 9 مئي جهڙن واقعن جو سوچي به نه ٿو سگهي، 9 مئي جي واقعن قوم کي غمگين ۽ شرمسار ڪيو آهي، 9 مئي تي سهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي وئي ۽ انهن جا مجسما ٽوڙيا ويا، شهيد ڪيپٽن ڪرنل شير خانجي نالي سان ??نصوبي کي منسوب ڪرڻ جو مقصد قوم کي شهيدن جي عظيم قربانين کان آگاهه ڪرڻ آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت ميٽرو اسلام آباد منصوبو بند ڪري ڇڏيو هو، ا??ان ايندي ئي بحال ڪري ڇڏيو، دير جو شڪار ٻيا منصوبا به جولاءِ ۾ مڪمل ڪيا ويندا، بجلي سان ??لندڙ بسون به 15 جولاءِ تائين پهچي وينديون. 3 روٽس تي اهي ميٽرو بسون هلي رهيون آهن. موجوده حڪومت آئيني ۽ قانوني طريقي ??ان بي اعتمادي رٿ کانپوءِ اقتدار ۾ آئي. عمران ??يازي ملڪ جي وقار کي خاڪ ۾ ملائڻ جي ڪوشش ڪئي، ملڪ کي بدنام ڪيو ۽ وقار کي نقصان ??هچايو، عمران ??يازي پروپئگنڊه ڪئي ته روس سان ??اڳاپن جي ڪري منهنجي حڪومت ڪيرائي وئي، حقيقتن سمورن ڪوڙن الزامن ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه کي زمين ۾ دٻائي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته ا??ان روس کان ه?? لک ٽن ڪچو تيل جو معاهدو ڪيو آهي. 45 هزار ٽن ڪچو تيل کڻي پهريون جهاز لنگرانداز ٿي چڪو آهي. عمران ??يازي جي دور ۾ ته روس کان ڪجهه به نه گهرايو ويو هو. روس مان ايندڙ تيل عالمي مارڪيٽ کان 15 ڊالر في بيرل سستو آهي. هن چيو ته پاڪستان کي هن وقت پرڏيهي ناڻي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مشڪلاتن جي باوجود حڪومت بجيٽ ۾ عوام کي ريليف ڏنو آهي، شاندار بجيٽ پيس ڪرڻ تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ ان جي پوري ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ??و، مشڪلاتن جي باوجود گهٽ کان گهٽ اجرت، پگهارن ۽ پينشن ۾ خاطرخواهه اضافو ڪيو ويو آهي. موجوده اتحادي حڪومت سمورين مشڪلاتن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين. وزيراعظم چيو ته سياسي استحڪام کانسواءِ ڪنهن به ملڪ ۾ معاشي استحڪام نه ٿو اچي سگهي، جيڪڏهن سازشون ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه ٿيندي ۽ قوم کي ورغلايو ويندو ته ڪير ٻاهران سيڙپڪاري ڪندو ۽ ملڪ جي اندر ڪير سرمايو لڳائيندو. اڳوڻي حڪومت چار سالن ۾ معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. ڪوڙي پروپئگنڊه، سازشي بيانيي ۽ ما??هن کي ورڇ ڪرڻ سان ??لڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي. اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان ??عاهدي جي پاسداري نه ڪري ملڪ کي نقصان ??هچايو. موجوده حڪومت آءِ ايم ايف جون سموريون شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن، معاهدو جلد ٿي ويندو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪنهن کاتي يا شخصيت جي ڪرپشن جا ثبوت آهن ته پيش ڪري، آئون ان جي جاچ ڪرائيندس. عمران ??يازي اپوزيشن کي پنهنجي دور ۾ ڀت سان ??ڳائي ڇڏيو، چور ڌاڙيل، چور ڌاڙيل ڪندو رهيو پر ڪرپشن جو ڪو ثبوت نه ملي سگهيو. هاڻي توشه خانه ۾ قانون موجب ڪارروائي ٿي رهي آهي ته پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي. عمران ??يازي ڪرپشن جا الزام هنيا پر ثبوت نه ڏنا، عمران ??يازي سمجهي ٿو ته ان تي ڪرپشن جا ڪوڙا الزام آهن ته عدالت ۾ وڃي، پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري. وزيراعظم چيو ته جڏهن موجوده حڪومت ڪڻڪ درآمد ڪئي ته سڀ کان گهٽ ٻولي ڏيندڙ کان به وڌيڪ قيمتون گهٽ ڪرايون ويون. ڪرپشن جا الزام هڻي ماحول کي خراب نه ڪيو وڃي. ثبوت آهن ته ڏنا وڃن، ڪوڙي پروپئگنڊه نه ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته لاهور ۾ سالڊ ويسٽ جو نظام شروع ٿيڻ کانپوءِ اهو ڏکڻ ايشيا جو صاف سٿرو شهر بڻجي ويو هو. اهو سڀ ٽيم ورڪ جو نتيجو هو. اڳوڻي حڪومت جي دور ۾ ترڪيءَ جي ڪمپني جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. 8 هزار ما??هو ڀرتي ڪيا ويا پر صفائي جو ماحول بدتر ٿي ويو. هن چيو ته اسلام آباد سالڊ ويسٽ جو نظام نه هجڻ جي برابر هو، جلد اسلام آباد ۾ سالڊ ويسٽ جو نظام متعارف ڪرايو ويندو، ان جي لاءِ واڪ هلي رهيا آهن. اڄ ئي ورڪ آرڊر جاري ڪيو ويندو. بجيٽ ۾ نوجوانن جي لاءِ ليپ ٽاپ ۽ ٻيا فلاحي قدم تجويز ڪيا ويا آهن. سرڪاري تعليمي ادارن جي هوشيار شاگردن جي لاءِ هڪ لک ليپ ٽاپ اسڪيم جي شروعات جولاءِ کان ??يندي، سڄي ملڪ جا هوشيار ٻار ان اسڪيم مان ??ائدو کڻندا. نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ، ڪاروبار جي لاءِ سازگار ماحول، قرض ڏيڻ ۽ زراعت جي ترقي ا??ان جي ترجيح آهي. گذريل حڪومت نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان ??نهنجي قدمن سان ??لڪ کي قائد جو پاڪستان ۽ علامه اقبال جي خوابن جي تعبير بڻائينداسين.