پيرس – 23 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي سرمايو ۽ پاڪستان جو فخر آهن، سمنڊ پار پاڪستانين سدائين ملڪ جي تعمير ?? ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو. اها ڳالهه هن فرانس ۾ رهندڙ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن سان ملا??ات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير شاندار استقبال تي پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ديارغير ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته مسلم لي?? (ن) جي قائد نواز شريف جي بصيرت انگيز قيادت ۾ پاڪستان جي ترقي جو سفر جاري رهندو. ان موقعي تي پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن پاڪستان ۾ 9 مئي جي واقعن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ هٿياربند فوج سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن چيو ته (ن) لي?? اقتدار ۾ ايندي ئي عام ماڻهو جي ڀلائي کي پنهنجو مشن بڻايو. هن چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت اڳ وانگر تيز رفتاري سان عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا جي??ي ساراهه جوڳا آهن.