اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخواهه کي ترقي ۽ امن جو گه??ار?? بڻائي رهنداسين، گذريل حڪومت خيبرپختونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو، بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه سان تعلق رکندڙ مسلم ليگي قيادت سان ڳاله??ئي??دي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پارلياماني معاملن ??ار?? وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جي صلاحڪار انجنيئر امير مقام، سينيٽر پير ثاقب شاهه، قومي اسيمبلي ميمبرن ڪيپٽن محمد صفدر، سجاد احمد، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن شهاب ??لدين خان، جمشيد محمد، اورنگزيب نلوٺا شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. خيبرپختونخواهه جي ايندڙ چونڊن ۾ تفصيلي مشاورت پڻ ڳالهه ٻولهه جو حصو رهي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ خيبرپختونخواهه ۽ قبائلي ضلعن جي ترقي جي لاءِ قدم شامل ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه کي ترقي ۽ امن جو گه??ار?? بڻائي رهنداسين. گذريل حڪومت خيبرپختونخواهه جي ترقي کي نظرانداز ڪيو. بجيٽ 24 – 2023ع ۾ ضم ٿيل قبائلي ضلعن جي ترقي لاءِ خصوصي قدم شامل ڪيا آهن. يقيني بڻ??ئي??داسين ته وفاقي حڪومت جي صحت ۽ تعليم جي منصوبن مان خيبرپختونخواهه جي عوام ڀرپور فائدو کڻي. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي باصلاحيت نوجوانن کي آسان شرطن تي قرض ۽ ليپ ٽاپ ڏينداسين. خيبرپختونخواهه جي آبادگارن کي معياري ??ج ۽ وقت سر ??اڻ فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪنداسين. سرحدي ضلعن ۾ واپار ۾ سهولت فراهم ڪري ??اڻهن جون معاشي مشڪلاتون ختم ڪنداسين.