اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 13 مئي کان ٻئي يورپي يونين انڊو پيسفڪ ف??رم ۾ شرڪت جي ل??ءِ اسٽاڪ هوم سوئيڊن جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جو اهو دورو يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سلامتي پاليسي واري اعليٰ نمائندي جوزپ بور??ل ۽ سوئيڊش پرڏيهي وزير ٽوبياس بلسٽروم جي گڏيل دعوت تي ٿي رهيو آهي. ف??رم ۾ مملڪتي وزير اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندي ۽ يورپي يونين سان واپار، سيڙپڪاري، ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي، آبهوا، ماحوليات ۽ صحت ۽ رابطن ۾ تعاون جي امڪانن جو جائزو وٺندي. حنا رباني کر ف??رم ۾ شريڪ اڳواڻن سان پڻ ملاقات ۽ ٻطرفي تعاون جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي.