اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج جي 6 جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ڪيتري ئي ڊگهي ڇو نه هجي اسان جي بهادر هٿياربند فوج قوم جي تعاون سان دهشتگردي کي پاڙ کان پٽي اڇلائيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز، پوليس ۽ انٽيليجنس ??ميونٽي جون عظيم قربانيون ملڪ کي دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي لعنت کان بچائڻ جي لاءِ اسان جي اڻٿڪ قومي عزم جو مظهر آهن. هن سوڳوا?? خاندانن سان دلي تعزيت ۽ مرحومن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.