اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسمينٽ جي خاتمي واري محتسب جي حڪم جي خلاف پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊيولپمينٽ اڪنامڪس (پائيڊ) جي وائيس ۽ پرو وائيس چانسلر جي اپيل رد ڪندي هراسمينٽ ڪيس ۾ عورت کي جبري رٽائرڊ ڪرڻ جو حڪم مع??ل ڪري ڇڏيو. پائيڊ جي عورت ملازمه وائيس چانسلر ۽ پرو وائيس چانسلر تي هراسمينٽ جو الزام هنيو هو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته پائيڊ شڪايت ڪ??دڙ عورت کي زوري رٽائر ڪري هراسمينٽ ايڪٽ جي رو?? جي خلاف ورزي ڪئي، هراسمينٽ جي مع??ملي جي انڪوائري جي ڪارروائي هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب آڏو ٻڌڻي هيٺ آهي، هراسمينٽ جي خاتمي ايڪٽ 2010ع تحت انڪوائري دوران شڪايت ڪ??دڙ يا گواهن جي خلاف ڪا سخت ڪارروائي نه ٿي ڪري سگهجي. صدر چيو ته پائيڊ ايڪٽ جي رو?? جي خلاف ورزي ڪندي شڪايت ڪ??دڙ کي رٽائرڊ ڪيو. صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي حڪم جي خلاف پائيڊ جي وائيس ۽ پرو وائيس چانسلر جي اپيل رد ڪري ڇڏيو. ايوان صدر پاران جاري تفصيل موجب پائيڊ جي هڪ عورت ريسرچ اڪانومسٽ (شڪايت ڪندڙ) هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب وٽ هراسمينٽ جي شڪايت داخل ڪرائي هئي. محتسب انڪوائري شروع ڪئي پر مع??ملو ٻڌڻي هيٺ هجڻ دوران ئي شڪايت ڪندڙن کي نوڪري مان رٽائر ڪيو ويو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب پائيڊ جي حڪم کي ڪيس جي خاتمي تائين مع??ل ڪري عورت کي بحال ڪري ڇڏيو هو. جوابدارن محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي، جن??ن کي صدر رد ڪري ڇڏيو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته محتسب بجا طور تي پائيڊ جي نوٽيفڪيشن کي مع??ل ڪيو. پائيڊ جي درخواست ۾ وزن نه آهي ۽ اها ميرٽ تي ٻڌل نه آهي ان لاءِ رد ڪئي و??ي ٿي.