اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري شنگهائي ??عا??ن تنظيم (ايس سي او) اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ مهيني ڀارت ويندو، افغانستان ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عبيد نظاماڻي ڪابل ۾ پنهنجون ذميواريون ٻيهر سنڀالي ورتيون آهن، پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو، سوڊان ۾ پاڪستانين جي سلامتي حڪومت پاڪستان ۽ پر??يهي وزارت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پر??يهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن چيو ته پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 4 ۽ 5 مئي تي ڀارت جي شهر گوا ۾ شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي پر??يهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته پاڪستان شنگهائي ??عا??ن تنظيم سان پراڻي وابستگي کي نظر ۾ رکندي شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو رهندو آهي. ترجمان چيو ته پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گوا ۾ ٿيندڙ شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي پر??يهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو، پر??يهي وزير پنهنجي ڀارتي هم منصب ۽ ايس سي او پر??يهي وزيرن واري ڪائونسل جي موجوده سربراهه ڊاڪٽر ايس جي شنڪر جي دعوت تي ايس سي او سي ايف ايم اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. ترجمان چيو ته اجلاس ۾ اسان جي شرڪت شنگهائي ??عا??ن تنظيم جي چارٽر ۽ عمل سان پاڪستان جي عزم ۽ ان جي اهميت جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪو پاڪستان پنهنجي پر??يهي پاليسي جي ترجيحن ۾ خطي جي لاءِ ڏي ٿو. ترجمان چيو ته پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گ??ري?? سال جولاءِ ۾ تاشقند ۾ ٿيندڙ پر??يهي وزيرن واري ڪائونسل جي آخري اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي هئي. موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ماحولياتي تحفظ بابت وزارتن جي سربراهن جي چوٿين ايس سي او اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. هي اجلاس 18 اپريل تي نئين دهلي ۾ آن لائين فارميٽ ۾ ٿيو هو. ترجمان چيو ته گ??ري?? ڏينهن نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر هنگامي حالتن جي روڪٿام ۽ خاتمي جي لاءِ ايجنسين جي سربراهن جي ايس سي او جي ماهرن جي اجلاس ۾ عملي طور تي شرڪت ڪئي جڏهن ته اڄ محمد ادريس محسود ميمبر ڊيزاسٽر رسڪ ريڊڪشن، هنگامي حالتن جي روڪٿام ۽ خاتمي جي لاءِ ايجنسين جي سربراهن جي ايس سي او اجلاس ۾ عملي طور شرڪت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ پاڪستان جي هيڊ آف مشن عبيد نظاماڻي ڪابل ۾ پنهنجون ذميواريون ٻيهر سنڀالي ورتيون آهن، اهو عمل افغان عبوري حڪومت سان ويجهي مشاورت کانپوءِ ممڪن ٿيو آهي. ترجمان چيو ته 15 اپريل تي وقتي افغان پر??يهي وزير امير خان متقي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ۾ پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ پاڪستان جي سفارتي مشنز ۽ اهلڪارن جي حفاظت جي حوالي سان افغان عبوري حڪومت جي ضرورت ۽ ذميوارين جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته عبيد نظاماڻي ۽ ان جي ٽيم کي اسان جون نيڪ خواهشون ۽ ??عا??ن حاصل آهي. ممتاز زهره بلوچ چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمو?? ۽ ??شمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشيري ڀائر?? ۽ ??ينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. ترجمان چيو ته رمضان جي مقدس مهيني جي پڄاڻي تي اسان کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ پنهنجي ڀائر?? ۽ ??ينرن کي ياد رکڻ گهرجي، هن مقدس مهيني دوران به قابض ڀارتي عملدارن مذهبي آزادي تي پابنديون لڳائي رکيون آهن، گ??ري?? هفتي قابض عملدارن ڪشميرين کي سري نگر جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز جي ادائيگي کان روڪي ڇڏيو، اهڙي طرح 27 رمضان المبارڪ جي مقدس رات تي ملهائي ويندڙ شب قدر جي موقعي تي مسجدن جي ڀرپاسي سيڪيورٽي فورسز جي وڏي نفري مقرر هئي. ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي ڪشميرين تي هنيل پابندين ختم ڪن جيڪي انهن کي آزادي سان پنهنجي مذهب تي عمل ڪرڻ کان روڪن ٿيون، اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمو?? ۽ ??شمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائر?? ۽ ??ينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. پر??يهي آفيس جي ترجمان چيو ته سوڊان ۾ پاڪستانين جي سلامتي حڪومت پاڪستان ۽ پر??يهي وزارت جي اولين ترجيح آهي، اسان سوڊان جي ڳڻتي جوڳي صورتحال ۽ اتي پاڪستاني ڪميونٽي جي حفاظت ۽ سلامتي تي گهري نظر رکي آهي. ترجمان چيو ته سوڊان ۾ پاڪستان جو سفارتخانو اسان جي ڪميونٽي سان ويجهي ۽ مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ هو انهن کي سهولت فراهم ڪندو رهندو. ترجمان چيو ته پاڪستانين جي سلامتي حڪومت پاڪستان ۽ پر??يهي وزارت جي اولين ترجيح آهي. ترجمان چيو ته پر??يهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 13 اپريل تي ثمرقند ۾ منعقد افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزارتي اجلاس ۾ مملڪتي وزير افغانستان ۾ انساني صورتحال تي روشني وڌي ۽ افغانستان جي ماڻهن جي لاءِ انساني امداد جي ضرورت تي زور ڏنو. هن افغانستان ۾ وڌيڪ سياسي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي مقصد طرف اڳڀرائي تي پڻ زور ڏنو. مملڪتي وزير خطي جي لاءِ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي اهميت ۽ اتي امن ۽ استحڪام ۾ پاڙيسري ملڪن جي مفاد تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته مملڪتي وزير افغانستان تي چار ڌريي گروپ جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي جنهن ۾ چين، ايران، پاڪستان ۽ روس شامل آهن.