اسلام آباد – 11– اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ بلغاريه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو پنجون دور صوفيه ۾ منعقد ٿيو، پاڪس??ان?? وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) محمد سليم ڪئي جڏهن ته بلغاريه جي پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل (ٻطرفا لاڳاپا) پيٽر ??ريچيف پنهنجي ملڪ جي وفد جي سربراهي ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي طريقن ۽ ذريعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن سياسي، اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، زراعت، آءِ سي ٽي ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين پاڪستان بلغاريه بين الحڪومتي ڪميشن جو اج??اس جلد گهرائڻ جي اهميت ۽ ٻنهي ملڪن جي نجي شعبن جي وچ ۾ فع??ل رابطن تي اتفاق ڪيو. بلغاريه ۾ افرادي قوت جي موجوده کوٽ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڪس??ان?? افرادي قوت کي وڌائڻ جي ام??ان?? تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪس??ان?? وفد بلغاريه جا يورپي يونين سان پاڪستان جي فع??ل رابطن خاص طور تي جي ايس پي پلس ا??ٽي??س جي ڏس ۾ معاون ڪردار ادا ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. امن ۽ سلامتي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ موسمياتي تبديلي سميت گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڌرين گهڻ رخي پليٽ فارمز خاص طور تي گڏيل قومن ۾ ويجهي تعاون کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي گهري دلچسپي تي پڻ زور ڏنو.