اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رد??ري پنهنجي اوڀر ايشيا جي ٽن ڏينهن جي دوري ٻئي مرحلي ۾ خميس جي رات سنگاپور پهچي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ??رد??ري سنگاپور جي دوري دوران سنگاپور جي صدر حليمه يعقوب ۽ پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن سان ملاقات ڪندو. ترجمان موجب پرڏيهي وزير جو انڊونيشيا ۽ سنگاپور جو دورو آسيان ملڪن سان لاڳاپن ک?? وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي شديد خواهشن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته انهن ملاقاتن دوران پرڏيهي وزي آسيان ۾ اهم حصيدار سنگاپور سان پاڪستان ج?? لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏيندو. ٻئي ڌريون مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۾ رفتا وڌائڻ جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.