ڪابل _4 آڪٽوبر (اي پي پي ) طالبان جي ترجمان ذبح الله مجاهد چيو آهي ت?? افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ مسجد تي داعش جي شڪي حملي کان پوءِ مجاهدن جي اسپيشل يونٽ داعش خ??اف آپريشن ڪ??ي آهي . جنهن جي نتيجي ۾ داعش جا ٺڪاڻا تباهه ۽ ان ۾ موجود داعش جا سمورا ميمبر مارجي ويا آهن .فرانسيسي خابرو اداري موجب ذبح الله مجاهد پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته گذريل ڏينهن رات جو ڪابل ??ي اتر ۾ داعش خ??اف آپريشن ڪ??ي وئي جيڪا ڪامياب ۽ فيصلي جوڳي رهي ۽ ان آپريشن ۾ داعش جا سمورا ٺڪاڻا ۽ ان ۾ موجود داعش جا سمورا ميمبر مارجي ويا آهن.