اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سان چين جي سفير نونگ رونگ هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپ??، سي پيڪ، ويڪسين ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چين جي سفير و??ير??عظم عمران خان کي چين جي صدر شي جن پنگ ۽ و??ير??عظم لي ڪي چيانگ پاران نيڪ خو??هشن ۽ پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪاد جو پيغام پهچايو. و??ير??عظم چيني قيادت کي مبارڪباد جي پيغام تي پنهنجي خيرسگالي جذبن جو اظهار ڪيو. و??ير??عظم پاڪستان جي ڪووڊ – 19 خلاف جنگ ۾ چين جي مسلسل حمايت ۽ ڪووڊ ويڪسين سهولت تحت ويڪسين جي فراهمي جي واکاڻ ڪئي. و??ير??عظم چيو ته پاڪستان ۽ چين فولادي ڀائر آهن ۽ ڪنهن به دشمن قوت کي ان دوستي کي ڪمزور ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. و??ير??عظم عمران خان چيو ته سي پيڪ تبديلي جو منصوبو آهي ۽ ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن سي پيڪ کي بي آر آءِ جو اعليٰ معيار جو منصوبو بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت سي پيڪ منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پرعزم آهي، ملاقات ۾ واپار، ڪامرس، سيڙپڪاري، چين ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ کاڻين ۽ قدرتي وسيلن بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. و??ير??عظم علائقائي صورتحال جي تناظر ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ته افغا??ست??ن جي تڪرار جو ڪو فوجي حل نه آهي، و??ير??عظم پاڪستان جي ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته هو افغان تڪرار جي سياسي حل لاءِ ڳالهين جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو.