اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ف??تگ??ون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 84 ف??تگ??ون ٿيون جنهن م??ن 33 ف??تگ??ون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اک??ن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 923 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 59 سيڪڙو، لاهور ۾ 30 سيڪڙو، پشاور ۾ 28 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 36 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 34 سيڪڙو، ايبٽ آباد ۾ 40 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 31 سيڪڙو، ملتان ۾ 37 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 52 هزار 393 ٽيسٽ ڪيا ويا جن م??ن سنڌ ۾ 14 هزار 937، پنجاب ۾ 21 هزار 390، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 78، اسلام آباد ۾ 3 هزار 331، بلوچستان ۾ هڪ هزار 652، گلگت بلتستان ۾ 331، آزاد ڪشمير ۾ 674 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 60 هز??ر 385 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ل??ءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 442 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 48 هزار 937 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان م??اثر ماڻهن جو انگ 9 لک 30 هزار 511 آهي .