اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني هم منصب لي ڪي چي??نگ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ پاڪ چين سفارتي لاڳاپ?? جي قيام جي 70 هين سالگرهه، ٻه طرفي لاڳاپن ۽ ڪورونا ويڪسي?? جي فراهمي ۾ تعاون تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيني هم منصب ۽ قيادت کي مريخ تي چيني خلائي جهاز جي ڪامياب لينڊنگ تي مبارڪباد پيش ڪئي جنهن سان چي?? جي وڌندڙ ٽيڪينڪي صلاحيت کي اجاگر ڪيو، وزيراعظم عمران خان زور ڏيندي چيو ته گذريل سالن دوران گڏيل ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان پاڪستان ۽ چين پنهنجي لاڳاپن کي سدابهار وڌندڙ حصيداري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، چين پاڪستان ا??تصادي لنگهه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو فلينگ شپ منصوبو آهي ۽ ان سان معاشي سرگرمين کي تيز ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويا آهن ۽ ان سان ٻه طرفا ۽ علائقائي واپار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته سال 2021ع هڪ خاص موقعو آهي، ڇاڪاڻ جو اهو پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپ?? جي قيام جي 17 هين سالگرهه جو سال آهي، جنهن کي ٻئي ڌريون ڀرپور انداز ۾ ملهائينديون، وزيراعظم ان موقعي تي چيني وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪئي، وزيراعظم عمران خان ڪوووڊ 19 مان سرخرو ٿيڻ ۾ پاڪ چين تعاون تي روشني وجهندي ڪورونا ويڪسي?? جي فراهمي ۾ چي?? جي پاڪستان کي جاري م??د تي دل جي گهراين سان واکاڻ ڪئي.