دوشنبي-30 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سان تاريخي ۽ ڀائپيءَ وارن لڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو. اهڙو اظهار هن دوشنبي ?? منعقد نائين هارٽ آف ايشيا استنبول پراسيس اجلاس جي موقعي تي افغان هم منصب محمد حنيف آتمر سان ملاق??ت دوران ڪيو. ملاق??ت دوران ٻه طرفن لاڳاپن ۽ افغان امن عمل سميت گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.