اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته اڄوڪو ڏينهن معاشري ۾ عورتن جي بلند مقام ۽ مختلف شعبن ۾ انهن جي واکاڻ جوڳين خدمتن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو، دين اسلام عورتن کي بي مثال حق ڏنا آه??، پاڪستان جو آئين عورتن جي حقن جو ضامن آه??. عورتن جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ عورتن روشن ڪردار ادا ڪيو آه??، معاشري کي مهذب ۽ روشن خيال بڻائڻ لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لازمي آه??. هن چيو ته عورتن کي ترقي جي برابر موقعن ۽ حقن جي يقيني فراهمي سان معاشري ۾ طاقتور ۽ محفوظ بڻائڻ اسان جو پخ??و عزم آه??.