لاهور – 07 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ٺوس حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن مضبو?? ٿي رهي آهي جڏهن ته رانديون، سياحت، امن ۽ خوشحالي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظه??ر هن پو??و اينڊ ڪنٽري ڪلب ۾ ماسٽر پينٽس جناح گولڊ ڪپ 2021ع جي فائنل مئچ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. ٽورنامينٽ ڊائمنڊ پينٽس جي ٽيم کٽي ورتو. تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت جي ٺوس حڪمت عملي جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ڏينهون ڏينهن مضبو?? ٿي رهي آهي. هن چيو ته رانديون، سياحت، امن ۽ خوشحالي ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪرڪيٽ ۽ هاڪي وانگر پو??و جي فروغ جي لاءِ پڻ ق??م کڻڻا پو??دا.