اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم کي و??جائيندي چيو آهي ته تعليم موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، تجويز ڪيل ايجوڪيشن پاليسي کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ سان گڏوگڏ سمورين صوبائي حڪومتن ۽ ڌرين جي مشاورت سان جديد دور جي گهرجن موجب تعليم جي فروغ جي حوالي سان ٺوس روڊ ميپ جوڙيو وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ ۾ تعليم جي فروغ، تعليمي نظام ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال ۽ هنرمندي جي تعليم جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي و??ير شف??ت محمود، تعليم واري سيڪر??ٽر?? ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، پرڏيهي سيڪر??ٽر??، انفارميشن ٽيڪنالاجي و??ري سيڪر??ٽر??، اين آءِ ٽي بي جي چيئرمين، نيوٽيڪ جي چيئرمين ۽ نجي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي. تعليم واري وفاقي و??ير شف??ت محمود اجلاس کي تعليم واري و??ارت پاران تعليمي نظام ۾ سڌارن، ڪوورنا وبا دوران فاصلاتي تعليم جي حوالي سان قدمن، ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ڏس ۾ پائليٽ پراجيڪٽس شروع ڪرڻ، سڄي ملڪ ۾ اسڪلز ??ار آل منصوبن جي شروعات، ڊيجيٽل لٽريسي ۽ ناليج اڪانومي جي فروغ جي حوالي سان مختلف منصوبن جي اڳڀرائي تي آگاهه ڪيو.