اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارليامينٽ ۽ عوام ۾ ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جمهوريت مستحڪم ٿيندي، ينگ سٽ??زن انٽ??ن شپ پروگرام ذريعي مستقبل جي معمارن ک?? پارليامينٽ ۽ ان جي نظام بابت آگاهي ملندي. ينگ سٽ??زن انٽ??ن شپ پروگرام ۾ شرڪت ڪندڙن ک?? خطاب ڪندي هن چيو ته پروگرام ۾ شامل سمورن ٻارن ک?? پارليامينٽ ۾ آجيان ڪريان ٿو. قومي اسيمبلي ۾ ٻارن جي انٽ??ن شپ جو بنياد 2014ع ۾ رکيو ويو، ٻارن جو انٽ??ن شپ پروگرام منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي، ٻارن جي روشن مستقبل لاءِ سمورا امڪاني قدم کڻنداسين. هن چيو ته خوشي آهي ته ان پروگرام ۾ ملڪ جي سمورن علائقن ۽ طبقن جي نمائندگي آهي، پارليامينٽ 25 ڪروڙ عوام جي دانش گاهه آهي. هن چيو ته ينگ سٽ??زن شپ پرگرام ذريعي مستقبل جي معمارن ک?? پارليامينٽ ۽ ان جي نظام بابت آگاهي حاصل ٿيندي، پارليامينٽ ۽ عوام جي ويجهن رابطن سان ملڪ ۾ جمهوريت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي، اهو اطمينان آهي ته ملڪ جو مستقبل محفوظ ه??ن ۾ آهي. هن چيو ته ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي ته سڀ گڏجي ڪم ڪريون. هن ٻارن ک?? پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ تي پڻ زور ڀريو.