اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيرستان ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيپٽن اسامه بن ارشد جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دعا ڪئي ته الله ??عاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي. هن شهيد جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي مڪمل خاتمي تائين اسان جي دهشتگردن سان جنگ جاري رهندي، دهشتگردن جي خلاف ??يه?? جي ديوار بڻجي بيهندڙ نوجوانن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي.