اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهزاده منصور بن سعود بن عبدالعزيز جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي سعودي شاهي خ??ند??ن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته شهزاده منصور بن سعود بن عبدالعزيز جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي گهرو ڏک ٿيو. حرمين شريفين جي نگران شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلما??، شهزاده منصور بن سعود بن عبدالعزيز ۽ شاهي خ??ند??ن سان دلي تعزيت ڪريان ٿو. هن مرحومه جي روح جي ايصال ثواب لاءِ دعا پڻ ڪئي.