سکر – 24 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سومر ڏي??هن سکر جو دورو ڪندو. صدر دوري دوران سنڌ ۾ سيڪيورٽي ۽ امن امان جي صورتحال ت?? اجلاس جي صدارت ڪندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ امن امان جي صورتحال ت?? گذريل مهيني ٿيندڙ اجلاس جي فيصلن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير م??سن رضا نقوي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت سينيئر وفاقي ۽ صوبائي عملدار ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اعليٰ عملدار پڻ شرڪت ڪندا.