اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) مالي سال 24-2023ع ۾ حڪومت طرفان سخت مالياتي نظم ۽ ضبط باوجود حڪومتي خرچن تي دٻاءُ برقرار رهيو. حڪومتي خرچن تي دٻاءُ جو بنيادي سبب قرضن تي وياج جي ادائيگين ۾ بي پناهه اضافو آهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران مالياتي خسارو 3.7 سيڪڙو رهيو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران ??ل حڪومتي خرچن ۾ 36.6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 13682.8 ارب ??وپين تائين په??ي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدي دوران اٽڪل 10 هزار ارب ??وپيا هو. حڪومت جي جاري خرچن ۾ 33.4 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 12333.3 ارب ??وپين تي په??ي ويو. ڪل ترقياتي خرچن ۾ 14.2 سيڪڙو جو اضافو ٿيو جيڪو وڌي 1158.1 ارب ??وپين تي په??ي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 1014 ارب ??وپيا هو ۽ عوام مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران حڪومتي محصول ۾ 41 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 7980.4 ارب ??وپين تي په??ي ويو، ٽيڪس محصولن ۾ 29.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 7262.5 ارب ??وپين تي په??ي ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان نج عارضي ٽيڪس اوڳاڙي جي مد ۾ 30.8 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. جيڪو و??ي 8125.7 ارب ??وپين تي په??ي ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران چئني صوبن طرفان 435.5 ارب ??وپين جو گڏيل سرپلس ڏنو ويو.