اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ ۽ قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ريڊيو پاڪستان جي سينئر نيوز ڪاسٽ?? تسڪين ظفر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ت??ڪي?? ظفر جي لاڏاڻي جو ٻڌي دلي افسوس ٿيو. هو هڪ باصلاحيت ۽ تجربيڪار نيوز ڪاسٽر هئي، سندس وفات سان نه رڳو ريڊيو پاڪستان پر ميڊيا انڊسٽري کي تمام گهڻو نقصان پهتو. وفاقي وزي?? تسڪين ظفر جي ڪٽنب سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرم??ئي ۽ وارثن کي صبر ڏئي.