بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي وڏي گنجائش آهي، متبادل توانائي جي نظام کي مضبو?? بڻائڻ اس??ن جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي و??ير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي و??ير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي و??ير عطاءُ الله تارڙ، پاور وارو وفاقي و??ير اويس احمد خان لغاري ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا. وزيراعظم چي?? ته متبادل توانائي جو نظام مضبوط ڪرڻ اس??ن جي اولين ترجيح آهي، پاڪستان ۾ متبادل توانائي جي حوالي سان سيڙپڪاري جي وڏي صلاحيت آهي. هن چي?? ته بجلي چوري جي حوالي سان ملڪ ۾ وڏيون ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. ان موقعي تي پاور چائنا جي چيئرمين ڊنگ يانزانگ ساهيوال ڪول پاور پلانٽ جي تيز رفتار تعمير ۽ معيار کي ساراهيو ۽ هن پاڪستان ۽ پنجاب اسپيڊ جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چي?? ته پاڪستان سان مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون وينديون جنهن تحت پاڪستان ۾ بجلي پهچ جو نظام بهتر ۽ لائين لاسز کي گهٽ ڪيو ويندو.