آستانه – 21 – مئي (اي پي پي) نائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قزاخستان جي صدر قاسم جومارٽ توڪائيف سان صدارتي مهل ۾ ملاقات ڪئي. نائ?? وزيراعظم قزاخستان جي صدر کي پاڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ قزاخستان سان سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي پاڪستان جي پختي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. نائ?? وزيراعظم گهڻ رخي فورمز ۾ گڏيل فائ??يم??د گهڻ رخي لاڳاپن ۽ تعاون کي مضبوط بڻائ?? ۾ ??نهي ملڪن جي قيادت جي ڪردار کي ساراهيو. هن قزاخستان جي شنگهائي تعاون تنظيم جي صدارت کي تمام گهڻو ساراهيو ۽ آستانه ۾ جولاءِ ۾ منعقد ٿيندڙ سربراهي اجلاس جي ڪاميابي جي لاءِ پاڪستان پاران مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو.