اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي گهرواريءَ جميله عالم الهديٰ اسلام آباد ۾ پاڪستان سوئيٽ هوم سينٽر جو دورو ڪيو جتي قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو سندس ??ست??بال ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ايراني خاتون اول يتيم ٻارن کي محفوظ ۽ پرورش جو سازگار ماحول ڏيڻ ۾ مرڪز جي ڪردار کي ساراهيو. ه?? قوم جي ڪامياب مستقبل جي لا??ِ نوجوان نسل جي حمايت جي اثرن تي پڻ روشني وڌي. ان موقعي تي فلسطيني عوام خاص طور تي غزه جي ٻارن جي لا??ِ خصوصي دعا ڪئي وئي.