اسلام آباد – 22 – اپريل (اي پي پي) ايران جي صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي کي وزيراعظم هائوس پُهچڻ تي ه??ياربند فوج جي دستي معزز مهمان ??ي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. وزيراعظم هائوس ۾ ايراني صدر جي اچڻ تي باضابط آجياڻي واري تقريب ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي صدر جي شاندار آجيان ??ئي جنهن کانپوءِ کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. ايراني صدر گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا پڻ وڄايا ويا. وفاقي ڪابينا جي ميمبرن جو ايران جي صدر سان تعارف ڪرايو ويو. ايراني صدر پنهنجي وفد جي ميمبرن کي پڻ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان متعارف ڪرايو. ايراني صدر ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف “ڌرتيءَ جي ڏينهن” جي مناسبت سان ٻوٽو پڻ هنيو.