اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان شام ج?? شهر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي قونصلر سيڪشن تي حملي جي سخت مذمت ڪندي متاثرين جي گهرڀاتين، عوام ۽ ايران جي حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??اران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو حملو شام ج?? خودمختياري جي ناقابل قبول خلاف ورزي آهي ۽ ان جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان ??هچائي ٿو. بيان ??وجب اها عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي آهي، 1961?? جي سفارتي لاڳاپن جي ويانا ڪنوينشن تحت سفارتڪارن يا سفارتي سهولتن جي خلاف حملا به غيرقان??ني آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيلي فوج جو غيرذميواراڻو قدم اڳ ۾ ئي عدم استحڪام ج?? شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آهي. ترجمان ??نهنجي بيان ۾ چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان ??طالبو ڪريون ٿا ته اها اسرائيل کي خطي ۾ ان جي مهم ج??ئي ۽ پاڙيسري ملڪن تي حملو ڪرڻ ۽ غيرملڪي سفارتي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي غيرقان??ني ڪاررواين کان روڪي.