ملتان-12 فيبروري (اي پي پي) جهانگير ترين استحڪام پاڪستان پا??ٽي جي سربراهه ۽ ناليوار?? سياسي اڳواڻ جهانگير ترين پا??ٽي عهدي تان استعيفيٰ ڏ??ڻ جو اعلان ڪند?? سياست تان هٿ کڻڻ ??و اعلان ڪيو آهي. هڪ پريس رليز ۾ هن چيو ته مان ان سڀني جو ٿورو مڃيان ٿو جن چونڊن ۾ منهنجو ساٿ ڏنو. مان پنهنجي مخالفن کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته مون کي عوام جي راءِ جو احترام آهي، ان لاءِ مان پاڻ ک?? سياست کان الڳ ڪرڻ سميت پا??ٽي چيئرمين جي عهدي تان استعيفيٰ ڏ??ڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته استحڪام پاڪستان پا??ٽي جي سمورن ميمبرن جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. مان ذا??ي حيثيت ۾ پاڪستان جي خدمت جاري رکندس.