مظفر آباد – 05 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته پاڪستان خودمختياري ??و حق حاصل ڪرڻ تائين ڪشميري ڀينر?? ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي ن??ران وزيراعظم آزاد ڪشمير جي گادي واري شهر مظفرآباد جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ن??ران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ن??ران وزيراعظم چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ پنهنجي ڪشميري ڀينر?? ڀائرن سان گڏ بيٺل آه??، ڪشمير مسئلي ??و حتمي ۽ منصفاڻو حل رڳو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب آزاد ۽ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم تحت ممڪن آه??. هن چيو ته غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ڪنهن کان لڪل نه آه??، معصوم ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن تي عالمي برادري جي خا??وشي ڳڻتي جوڳي ۽ مذمت جوڳي آه??. نگران وزيراعظم پاڪستان جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خودمختياري ??و حق حاصل ڪرڻ تائين پنهنجي ڪشميري ڀينر?? ڀائرن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ان موقعي تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ اسپيڪر نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي جي موقعي تي مظفرآباد جي دوري کي خوش آئنده قرار ڏنو. هنن چيو ته ڀارت کي ن??ران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ڪشمير يڪجهتي ڏهاڙي تي مظفرآباد اچڻ سان واضح پيغام پهچي ويو آه?? ته پاڪستاني ۽ ڪشميري ڀينر?? ڀائرن جون دليون گڏ ڌڙڪن ٿيون.