اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نگ??ان ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ خاص طور تي والاريل فلسط??ني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جي موقف کي اجاگر ڪندي مسلمان امت کي درپيش اسلامو فوبيا جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خاص طور تي او آءِ سي جي ذريعي ويجهي ۽ گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگ??ان ??زي??اعظم وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا (مينا) خطي جي مسلمان ملڪن جي سفيرن سان مانجهاندي تي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بحرين، مصر، عراق، اردن، ڪويت، لبنان، ليبيا، مراڪش، عمان، فلسطين، سعودي عرب، شام، گڏيل عرب امارات ۽ يمن جا سفير موجود هئا. ملاقات ۾ نگ??ان پرڏيهي ??زي??، نگ??ان ??زي??اعظم جو سيڪريٽري ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ موجود هئا. نگ??ان ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستان جي مسلمان دنيا خاص طور تي مينا خطي جي ملڪن سان ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته اهي لاڳاپا گڏيل اعتماد، گڏيل افهام تفهيم، ٻطرفي ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي ويجهي تعاون تي ٻڌل آهن. نگ??ان ??زي??اعظم ڪيترن ئي معاملن خاص طور تي والاريل فلسط??ني علائقن ۾ انساني حقن جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي پاڪستان جي موقف بابت آگاهه ڪيو. مسلمان دنيا کي درپيش ٻين چئلينجز جهڙوڪ اسلامو فوبيا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگ??ان ??زي??اعظم مسلمان امت کي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خاص طور تي او آءِ سي جي ذريعي ويجهي ۽ گڏيل طور تي ڪم جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگ??ان ??زي??اعظم اسلام آباد ۽ انهن جي لاڳاپيل گادي وارن شهرن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ڪوششن تي سفيرن کي ساراهيو. سفيرن نگ??ان ??زي??اعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان ٻطرفي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن مسلمان دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.