اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرمنل لاء ترميمي آرڊيننس 2023ع جاري ڪري ڇڏيو، نئين آرڊيننس تحت بجلي چوري جا واقعا قابل دست ا??دازي ڏوهه هوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ڪرمنل لاء ترميمي آرڊيننس 2023ع جو مقصد پاڪستان پينل ڪوڊ 1860ع جي سيڪشن 462 (0) ۾ ترميم ڪرڻ آهي. بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کي ان کان اڳ بجلي چوري جي واقعن جي ايف آءِ آر?? داخل ڪرائڻ ۾ مشڪلاتو?? درپيش هيون جڏهن ته نئين آرڊيننس تحت بجلي چوري جا واقعا قابل دست ا??دازي ڏوهه هوندو. آرڊيننس کانپوءِ بجلي چوري نه رڳو گريڊ 17 يا مٿي جي آفيسر پر بجلي چوري جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي سي اي اوز جي نامزد ڪيل ماڻهن جي شڪايت تي قابل دست ا??دازي ڏوهه هوندي. صدر آرڊيننس آئين جي آرٽيڪل 89 هڪ تحت جاري ڪيو. آرڊيننس سان توانائي جي شعبي ۾ ٿيندڙ اٽڪل 590 ارب رپين جي بجلي چوري تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ??لن??ي.