اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? نومبر ۽ آڪٽوبر ۾ مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. هن شهيدن کي ملڪ تي جان نڇاور ڪرڻ تي قوم پاران خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته قوم جي خاطر پنهنجي پيارن جي قرباني ڏيڻ تي قوم شهيدن جي خاندانن جي ٿورائتي رهندي. صدر 6 نومبر تي سندا پل، خيبرپختونخواه?? ۾ ??ملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر جي پونئيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر عارف ??لو?? نائيڪ خوشدل خ??ن، لانس نائيڪ عبدالقدير خان ۽ رفيق خان جي گهرڀاتين سان پڻ رابطو ڪيو. صدر 29 آڪٽوبر تي ضلعي آواران، بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ نائب صوبيدار آصف عمران ۽ سپاهي عرفان علي کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ??لو?? 18 آڪٽوبر تي ڏکڻ وزيرستان جي علائقي آسمان منز?? ۾ ??ملي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي فرمان علي جي وارثن کي پڻ ٽيليفون ڪيو. هن شهيدن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار، شهيدن جي درجن جي بلندي، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.