لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي ٻڌايو ويو آهي ته شاه??ره اماميه ڪالوني فلائي اوور جو 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ اهو منصوبو ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاهور ۾ ت??مير هيٺ اماميه ڪالوني شاه??ره فلائي اوور جو دورو ڪيو. نگران وزيراعظم کي ان منصوبي جي هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ??وران نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته لاهور فيصل آباد ريلوي لائين جي مٿان اماميه فلائي اوور ٺاهيو پيو وڃي، شاه??ره اماميه ڪالوني فلائي اوور جو 70 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. بريفنگ ??ورا?? اهو به ٻڌايو ويو ته اماميه ڪالوني شاه??ره فلائي اوور 18 مهينن جو پراجيڪٽ هو جيڪو پنجاب حڪومت جي تعاون سان ساڍي 6 مهينن ۾ مڪمل ٿي ويندو، ڊسمبر 2023ع تائي?? اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم ترقياتي منصوبن جي بهتر اڳڀرائي جي لاءِ پنجاب حڪومت کي ساراهيو.