بيجنگ – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي سياسي، اقتصادي، تعليم، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافتي ۽ عوامي رابطن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ بيجنگ ۾ ٽئين ??يل?? اينڊ روڊ فورم جي موقعي تي ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ٿيو. ان موقعي تي ن??ران وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار مو??ود هئا. ٻنهي اڳواڻن مضبوط ۽ پراڻي پاڪ چين لاڳاپن جو ذڪر ڪندي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياسي، اقتصادي، تعليم جي شعبي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ثقافتي ۽ عوام جي سطح تي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. نگران وزيراعظم چيني قيادت کي ٽئين ??يل?? اينڊ روڊ فورم (بي آر ايف) جي شاندار انعقاد تي مبارڪباد ڏني. ??يل?? اينڊ روڊ منصوبي جي صلاحيت جو ذڪر ڪندي ن??ران وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو مو??صلاتي رابطن ۽ گڏيل خوشحالي جي ڪري پوري دنيا جي لاءِ اهميت رکي ٿو. ٻنهي اڳواڻن چ??ن پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) جي ڏس ۾ پاڪ چين تعاون ۽ معاشي رابطن جي فروغ جي صلاحيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چ??ن پاڪستان اقتصادي لنگهه جي پاڪستان جي معيشت جي لاءِ اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته سي پيڪ پنهنجي تعمير جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن ۾ صنعتي ترقي، روزگار جي فراهمي جا منصوبا، معدنيات، آءِ ٽي ۽ زراعت جي ترقي شامل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني ڪمپنين جي سيڙپڪاري سان پاڪستان جي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ صنعتي صلاحيت وڌندي. وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاڪ چين لاڳاپن جي فروغ ۽ چ??ن پاڪستان اقتصادي لنگهه جي تعميراتي ۽ ترقي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن ان اميد جو پڻ اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي قيادت جي هم آهنگي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيندي. ٻئي وزيراعظم چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ شريڪ ٿيا. انهن شعبن ۾ ڪامرس، مو??صلات (ايم ايل ون)، غذائي تحفظ ۽ تحقيق، ميڊيا مٽاسٽا، خلائي تعاون، پائيدار شهري ترقي، صنعتي تعاون، افرادي قوت جي صلاحيت ۾ اضافي، معدنيات جي ترقي، مو??مياتي تبديلي ۽ ويڪسين ٺاهڻ جا شعبا شامل آهن.