اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ طوفاني برساتن سان قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪ??و. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي حڪومت ?? عوام پاران بيجنگ ۾ جاري طوفاني برساتن ۾ قيمتي جاني نقصان تي دلي تعزيت جو اظهار ڪري ٿو. اسان جون همدرديون ۽ نيڪ خواهشون ڏکويل خاندانن سان گڏ آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين گڏيل دوست ۽ حصيدار آهن، جن جون تڪليفون ۽ پريشانيون گڏيل آهن. سڄي پاڪستاني قوم ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ پن??نجي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي. وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ بيجنگ جي عوام جي هر ممڪن مدد جي لاءِ تيار آهيون. وزيراعظم ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪ??و.