اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چين جي صدر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي، چين جي ??ائ?? وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽ?? آف چائنا جي سينٽرل ڪميٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر هي لي فينگ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن جي ڪيترن ئي رخن، بشمول پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) ۽ ٻطرفي اقتصادي ۽ مالياتي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي ??ائ?? وزيراعظم هي لي فينگ جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. وزيراعظم هي لي فينگ کي مارچ ۾ چين جي ??ائ?? وزيراعظم جي عهدي تي مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان ۾ 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ۽ پاڪستان کي درپيش موجوده معاشي چئلينجز خاص طور تي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جهڙن مشڪل وقتن ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو. چين جي ??ائ?? وزيراعظم هي لي فينگ پاڪستان ۽ چين جي اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ دوستي ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل لاڳاپن کي اجاگر ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري ۾ توسيع تي زور ڏنو. هن پاڪستان جي معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي ۾ چين جي مستقل تعاون جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي پاڪستان ۽ چين جي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مرڪزيت تي زور ڏنو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي 10 سالا سالگرهه ان منصوبي کي نئين سر توسيع ڏيڻ جو هڪ سنهري موقعو آهي. ملاقات ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چين کي زرعي روانگي واپار وڌائڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي کان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ زرعي، صنعتي ۽ مواصلاتي سميت ٻين شعبن ۾ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن علائقائي مسئلن ۽ پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ تي هڪ ٻئي جي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻئي طرف وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني ??ائ?? وزيراعظم هي لي فينگ جي مان ۾ مانجهاندي جو پڻ اهتمام ڪيو. چيني وفد ۾ چيني اسٽيٽ ڪائونسل جو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل گووي، چيني ??ائ?? پرڏيهي وزير ??ن وي ڊونگ، ??ائ?? چيئرمين نيشنل ڊيولپمينٽ اينڊ ريفارم ڪميشن ڪونگ ليانگ، پيپلز بئنڪ آف چائنا جي ڊپٽي گورنر زوان چينگنينگ ۽ وانگ ڪيبنگ، چيني واپار واري وزارت جي ايشيائي معاملن واري شعبي جي ڊائريڪٽر جنرل وانگ ليپنگ، پاڪستان ۾ چين جي سفارتخاني جي چارج ڊي افيئرز پانگ چنشوئي ۽ ٻيا اعليٰ چين?? آفيسر شامل هئا. پاڪستاني وفد ۾ پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري، واپار وارو وفاقي وزير ??يد نويد قمر، ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير ??اڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منصوبابندي وارو وفاقي وزير ??حسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير ??واجه سعد رفيق، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير ??نا رباني کر، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ مختلف وزارتن مان ٻيا اعليٰ آفيسر شامل هئا.