اسلام آباد – 27 – جول??ءِ (اي پي پي) پاڪستان ڊينمارڪ جي شهر ڪوپن هيگن ۾ پاڪستاني سفارتخاني آڏو قرآن پاڪ جي بي حرمتي ۽ پاڪستاني جهنڊي جي توهين جي سخت مذمت ڪندي ڊينمارڪ جي حڪومت آڏو سخت احتجاج ڪيو آ??ي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آ??ي ته اسان ڊينمارڪ جي عملدارن مان اميد آهي ته اهي نفرت ۽ اشتعال انگيزي جي اهڙين ڪاررواين کي روڪڻ جي ل??ءِ سمورا ضروري قدم کڻندا. بيان مو??ب اهڙي قسم جي ڪڌين ڪاررواين جو مقصد سڄي دنيا جي 2 ارب مسلمانن جي توهين ڪرڻ ۽ برادرين، ثقافتن ۽ ملڪن ج?? وچ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته اهي ڪارروايون ڪنهن به تعريف مو??ب اظهار جي آزادي نه اظهار جي ر??ءِ ۽ احتجاج جي بهاني مذهبي نفرت جي اشتعال انگيز ڪاررواين جي اجازت کي جائز قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري ه??ءِ ڪمشنر چيو آ??ي ته مسلمانن جي خلاف تقريرون ۽ اشتعال انگيز ڪارروايون جاري رهڻ غيرذميواراڻي ۽ غلط آهن. بيان ۾ چيو ويو آ??ي ته پاڪستان سدائين ان ڳالهه کي برقرار رکيو آ??ي ته اظهار ر??ءِ جي آزادي ذميواري سان ٿيندي آهي اها قومي حڪومتن، علائقائي تنظيمن ۽ عالمي برادري جي ذميواري آهي ته اهي اسلامو فوبيا ۽ مذهبي نفرت جي ڪڌن ڪمن جو آ??از، مذمت ۽ فعال طور تي روڪي، جيتوڻيڪ گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل پاران زور ڏنو ويو آ??ي. لاڳاپيل ملڪن کي مذهبي نفرت جي اهڙين ڪاررواين جو ازالو، روڪڻ ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. بيان مو??ب عالمي برادري کي اسلامو فوبيا جي خلاف پنهنجو گڏيل آواز اٿارڻ گهرجي ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. بيان مو??ب پاڪستان پنهنجي پاران عالمي سطح تي اسلامو فوبيا جو سوال اٿاريندو رهندو. اهو مسئلو پرڏيهي وزير ??لاول ڀٽو زرداري جي ايران، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي پنهنجي هم منصبن ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري سميت گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه جو اهم نقطو هو. بيان مو??ب جده ۾ او آءِ سي جي هيڊڪوارٽرز ۽ جنيوا ۾ انساني حقن واري ڪائونسل ۾ اسلامو فوبيا جي ان بار بار ٿيندڙ ڪاررواين بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پئي وڃي.