اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان فلپائن، ايران ۽ روانڊا ??ان واپار، معيشت، سيڙپڪاري، ثقافت ۽ عوام ??ان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳپان کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فلپائن ۽ ايران جي نامزد سفيرن ۽ روانڊا جي نامزد غيرمقيم هاءِ ڪمشنر ??ان ايوان صدر ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن کيس پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون ۽ انهن ??ان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. صدر فلپائن جي نامزد سفير ماريا سروينٽس ??ان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان فلپائن ??ان تعاون جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. هن پاڪستان ۽ فلپائن جي وچ ۾ ٻطرفا واپاري ۽ معاشي لاڳاپا و??يڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ??ان پاڪستان جي لاءِ نامزد ايراني سفير ڊاڪٽر رضا اميري مقدم پڻ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قائم ادا??اج??تي نظام ۽ نجي شعبي جي تعاون ??ان اقتصادي رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ايران ??ان موجوده ادا??اج??تي نظام مضبوط بڻائڻ ۽ بارڊر مارڪيٽس فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ??ان پاڪستان ۾ روانڊا جي نامزد هاءِ ڪمشنر جيمز ڪيمونيو پڻ ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي روانڊا ??ان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ٻطرفي واپار جي فروغ لاءِ ڪاروباري برادرين کي دورا ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته روانڊا جا واپاري مختلف مصنوعات جي درآمد لاءِ پاڪستاني مارڪيٽ جو جائزو وٺن. صدر پاڪستان جي لاءِ نامزد سفيرن کي مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته نامزد سفير ٻطرفو تعاون و??يڪ وڌائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.