اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سينيٽ جي چيئرمين سينيٽر صادق سنجراڻي سان سندس ڀاءُ سالار سنجراڻي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم عمران خان سان سينيٽ جي چيئرمين سينيٽر محمد صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيئرمين سان سندس ڀاءُ سالار سنجراڻي جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ??يو?? هن مرحوم جي بلند درجن لاءِ خصوصي دعا ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي، ڪو??يٽا، آر سي ڊي روڊ کي ٻن لائين وارو ٺاهڻ بابت معاملن تي به ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ روڊن جي بنيادي ڍانچي کي بهتر ۽ جدي?? بڻائڻ جي خاطري ڪرائي، هن سي پيڪ تحت تعمير ٿيندڙ روڊن خاص طور تي اولهه روٽ جي تعمير کي ان سلسلي ۾ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان منصوبي ۾ معاشي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ نئين دور جو آغاز ٿيندو.