اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ?? اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي، ڀارت جي ابتڙ پاڪستان ۾ اقليتن جي نمائندگي وڌيڪ آهي ۽ اقليتن کي وڌيڪ حق ڏنا ويا ??هن. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ اقليتي ميمبر لال چند مالهي جي قيادت ۾ اقليتن جي وفد سان ڪراچي جي گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران چئي. صدر چيو ته سنڌ صوبو مذهبي هم آهنگي ۽ برداشت جي حوالي سان ڊگهي تاريخ جو امين آهي. هن ??يو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح سدائين ملڪ جي سمورن شهرين جي عقيدي ۽ مسلڪ کان مٿانهون هڪ جهڙن حقن جي ڳالهه ڪئي. هن ??يو ته حڪومت ملڪ ?? مذهبي سياحت جي فروغ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ??هن، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ٺٽي ۾ هندومت ۽ ٻڌمت جا تاريخي مذهبي آثار آهن ۽ انهن علائقن ۾ مذهبي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر پاڪستان جي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو.