اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ملهائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي نوجوانن کي پاڪستان جي قيام جو مقصد ۽ علامه اقبال جي پيغام جي اصل تشريح سمجهڻ جي ضرورت آهي. قدرت پاڪستان کي هر قسم جي نعمت سان نوازيو آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي 2022ع ??ي تقريبن ??ي تياري جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، خاص مددگارن ڊاڪٽر شهباز گل، شهزاد نواز ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزي??اع??م عمران خان کي تقريبن ??ي تيارين جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڊائمنڊ جوبلي جي حوالي سان پاڪستان ??ي تاريخ، ثقافت قومي هيروز، تحريڪ پاڪستان جي مشهور عورتن، مقامي راندين، سياحت، معيشت، گرين پاڪستان ۽ دوست ملڪن سان لاڳاپن جي حوالي سان ڊاڪيومينٽريز ۽ تقريبون منعقد ڪيون وينديون. وزي??اع??م عمران خان چيو ته پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ملهايون وينديون. انهن تقريبن جو مقصد پاڪستان جي ڌار سڃاڻپ، ثقافت ۽ منفرد جاگرافيائي کي اجاگر ڪرڻ آهي، هن چيو ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي نوجوانن کي پاڪستان جي قيام جو مقصد ۽ علامه اقبال جي پيغام جي اصل تشريح سمجهائڻ جي ضرورت آهي، قدرت پاڪستان کي هر قسم جي نعمت نوازيو آهي جنهن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.