اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي روانگ?? واپار ۾ اضافي ۽ آمدن?? واپار تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ماحولياتي نظام ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، روانگ?? واپار ۾ اضافي جي لاءِ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ برآمد ڪندڙن کي قومي سول ايوارڊز ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ برآمدي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائ?? واري وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻ?? واري وفاقي وزير شوڪت فياض ??ري??، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽ?? واري وفاقي وزير سيد فخر امام، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اسان کي هڪ ماحولياتي نظام ۽ هڪ ??هڙو ڪلچر تيار ڪرڻو آهي جيڪو روانگ?? واپار کي وڌائي سگهي ۽ آمدن?? واپار تي اسان جو دارومدار گهٽ ڪري سگهي. ??ن چيو ته اسان کي اهڙن روانگ?? واپار ڪندرن جي ضرورت آهي جن کي روانگ?? واپار آ۾ اضافي ڪرڻ جي ڪارڪردگي جي بنياد تي قومي سول ايوارڊز سان نوازيو ويندو. وزيراعظم واپار واري وزارت کي هدايت ڪئي ته روانگ?? واپار ڪندڙن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ پورٽل تيار ڪيو وڃي. هن روانگ?? واپار ۾ پائيدار اضافي جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ٺوس پاليسين ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان اڳ وزيراعظم ج?? واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هن سال هن 10 سالن جي جمود کانپوءِ روانگ?? واپار ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. ??ن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته برآمدي هدف ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن.