اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مم??ڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان عالمي دنيا کي بهترين انداز ۾ باور ڪرايو ته افغا?? جنگ جو سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان پاڪستان کي ٿيو، هاڻي دنيا کي گهرجي ته ماضي جي غل??ي کي نه ورجائي پر افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪوشش ڪري، وزيراعظم عمران خان ??ڏي?? قومن ۾ دليراڻي انداز سان مودي جي ظالماڻي نظريي آر ايس ايس کي ايڪسپوز ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مم??ڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڀرپور دليلن سان ڪشميرين جي سچي وڪيل ۽ ارڏي سفير هجڻ جو ڪردار ادا ڪيو. هن سيد علي گيلاني جي ميت کي اس??امي رسمن سان شهيدن جي قبرستان ۾ دفنائڻ جي مطالبي تي زور ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ??ڏي?? قومن ۾ انتهائي پراعتمادي سان حقيقتون سامهون رکيون ۽ ڪيترن کي ئي آئينو پڻ ڏيکاريو، الحمدالله پاڪستان ۾ اهڙو وزيراعظم موجود آهي جيڪو قومي مفاد ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ترجيح ڏي ٿو.