اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب ملاقات ڪئي جنهن ۾ افغانس??ان ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي سميت ٻطرفن معاملن ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان برطانوي وزيراعظم بورس جانسن سان پنهنجي ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه جو ذڪر ڪندي افغانس??ان ۾ تبديل ٿيندڙ صو??تح??ل تي پاڪس??ان جو موقف پيش ڪيو. وزيراعظم پاڪس??ان ۽ خطي جي استحڪام لاءِ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانس??ان جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته افغانس??ان ۾ سلامتي جي صو??تح??ل کي بهتر بڻائڻ، امن کي مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ قدم کڻڻ ۽ عوامي هجرت کي روڪڻ لازمي آهي. ان سلسلي ۾ انساني بحران کي روڪڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. وزيراعظم زور ڏنو ته عالمي برادري کي افغان عوام سان گڏ بيهڻ گهرجي، مثبت رابطا قائم ڪرڻ گهرجن ۽ پرامن، مستحڪم ۽ سمورن گروپن تي ٻڌل سياست کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ مراعتون ڏيڻ گهرجن. وزيراعظم افغانس??ان جي اندر ۽ ٻاهر موجود ”سپوائلر“ جي ڪردار جي حوالي سان خبردار ڪندي چيو ته اهي صو??تح??ل کي خراب ڪري سگهن ٿا. وزيراعظم برطانوي پرڏيهي وزير کي ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي وڏي پئماني تي خلاف ورزين با??ت پڻ آگاهه ڪيو. هن سينيئر ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ميت کي وارثن کان لڪائڻ جي ڀارت جي غيرانساني رويي با??ت پڻ ٻڌايو. وزيراعظم عمران خان پاڪس??ان ۽ برطانيا جي وچ ۾ عوام جي وچ ۾ مضبوط رابطن ۽ پراڻن لاڳاپن جو پڻ ذڪر ڪيو. وزيراعظم پاڪس??ان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ان سان ٻٽي شهريت رکندڙ شهرين کي مشڪلاتون درپيش آهن. ملاقات ۾ ماحولياتي تبديلي، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام ۽ عالمي سياسي صو??تح??ل تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.