اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سبي، بلوچستان ۾ ايف سي جي پيٽرولنگ پارٽي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آه?? ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف جن ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آه??. هتي ايوان صدر مان جاري هڪ ب??ان ۾ صدر چيو ته پاڪستاني قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آه??، قوم جي خاطر جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ جوانن کي ياد رکيو ويندو.